خادم حسين شاهه نقوي

خادم حسين شاهه نقوي: خادم حسين شاهه نقوي، اهل تشيعت جو هڪ اهم عالم ۽ مفتي ٿي گذريو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ، پنهنجي تحقيقي ڪتاب ’خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته: ”سيد خادم حسين شاهه نقوي، ديري غازي خان جي نقوي ساداتن مان هو ۽ خيرپور رياست جي مفتي سيد قاسم علي شاهه جي وفات کان پوءِ مير امام بخش خان ٽالپر جي دعوت تي 1914ع ۾ خيرپور رياست ۾ اچي مقيم ٿيو ۽ 1916ع ۾ خيرپور رياست جو مفتي بڻيو.“
سيد خادم حسين شاهه نقوي پنهنجي وقت جو پرهيزگار عالم هو. هن کي فقهه جعفريه جي فقهي مسئلن بابت وڏي ڄاڻ حاصل هئي. هن خيرپور رياست ۾ اهل تشيعت جي مسلڪ کي ترقي وٺرائي ۽ وعظ جون مجلسون مرتب ڪيون. عزاداريءَ جي حوالي سان خيرپور رياست ۾ سندس وڏي ڌاڪ ۽ هاڪ رهي. سيد خادم حسين شاهه نقويءَ فقهه جعفريه بابت ڪجهه رسالا به شايع ڪيا، جيڪي ان وقت ڏاڍا مشهور ٿيا. خليق ۽ روادار شخص هو. سندس علمي درجي سبب کيس اهلسنت وارا به اهميت ڏيندا هئا. هن جي علم مان ڪافي ماڻهن فيض پرايو. شاهه صاحب عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي زبانن تي وڏي دسترس رکندو هو. سڄي زندگي درس ۽ تدريس ۾ گذاريائين. 1946ع ۾ وفات ڪيائين. خادم حسين شاهه نقويءَ کي باقر شاهه، طاهر شاهه ۽ صابر شاهه نالي ٽي پٽ ٿيا، جن مان سيد باقر شاهه به پيءُ وانگر عالم ثابت ٿيو.


لفظ خادم حسين شاهه نقويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو